پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ چيني ڪمپني سان معاهدو ڪري ورتو. پنجاب جي وزيراعليٰ چين جي دوري جي موقعي تي چيني ڪمپني بائي جيا ميڊيڪل ٽيڪنالوجيز سان ڪينسر جي جديد علاج جي طريقي ۽ ان جي مشينري کي پنجاب آڻڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، مشينري اچڻ سان سرجري ۽ ڪيمو ٿراپي کان سواءِ ڪينسر جو علاج ممڪن ٿي سگهندو. بائي جيا ميڊيڪل ٽيڪنالوجيز جي صدر ڊاڪٽر لوفوليانگ سان ملاقات کان پوءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته بائي جيا ميڊيڪل ٽيڪنالوجي جي اختيارين نوازشريف کي ڪينسر اسپتال لاءِ پروفيشنل مدد جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. هن چيو ته معاهدي کان پوءِ نوازشريف ڪينسر اسپتال ۾ چين جي تعاون سان جديد مشينري ۽ علاج جي طريقي سان ڪينسر جي مريضن جو علاج ٿيندو. پنجاب جي وزيراعليٰ اي آءِ فورس ٽيڪ جي باني سان اي او ۽ چيني ڪمپني جي چيئرمين زي هونگ شنگ سان به ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ فضائي آلودگي کي روڪڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. انهي موقعي تي زراعت کاتي پنجاب ۽ چيني ڪمپني اي آءِ فورس ٽيڪ وچ ۾ ايم او يو تي به صحيحون ڪيون ويون، چيني ڪمپني پنجاب ۾ روبوٽڪ زرعي آلات جو مينو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائيندي. پنجاب جي وزيراعليٰ شي جي تان اسپتال ۽ بيجنگ ۾ ميونسپل ڪميشن آف ٽرانسپورٽ جو به دورو ڪيو. مريم نواز چيو ته لاهور ۾ اورنج لائين ميٽرو بس، پاڪ چين دوستي جو ثبوت آهي. لاهور، ملتان، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سسٽم لاءِ تعاون نه وسارڻ جوڳو آهي. لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ميٽرو ٽرين نيٽ ورڪ وڌائينداسين.