مري ۾ برفباري ۽ برسات کان پوءِ سياحن لاءِ نئين ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي ايڊوائزري سٽي ٽريفڪ پوليس راولپنڊي تيمور خان طرفان جاري ڪئي وئي آهي. سي ٽي او راولپنڊي چيو ته برفباري سبب روڊ تي ترڪڻ آهي. سياح گاڏي هلائڻ ۾ احتياط سان ڪم وٺن چيف ٽريفڪ آفيسر چيو ته مري جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سياح سٺي ۽ مڪمل فٽ گاڏي جي چونڊ ڪن سي ٽي او وڌيڪ چيو ته مري ۽ پنجاب کان ايندڙ رستن تي ٽريفڪ روان دوان آهي. برفباري ۽ برسات سبب ٽريفڪ سست رفتاري جو شڪار آهي. چيف ٽريفڪ آفيسر چيو ته مري ۾ صرف لائسنس هولڊر ڊرائيورن کي داخلا جي اجازت ڏني وئي آهي. برفباري ۾ ٽائرن تي چين جو استعمال ڪيو وڃي، سياح اضافي گرم ڪپڙا گڏ آڻين. مري ۽ گليات ۾ اڄ به هلڪي برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.