مسلم ليگ(ن) جو سينئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو آهي. صديق الفاروق جي خانداني ذريعن به مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪجهه وقت کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا جنهن جي ڪري کيس راولپنڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو. صديق الفاروق وزيراعظم جو اڳوڻو پريس سيڪريٽري، هائوسنگ فنانسنگ ڪارپوريشن املاڪ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين به رهيو. (ن) ليگي اڳواڻ ڊگهي وقت تائين صحافت جي شعبي سان به جڙيل رهيو، هو سينئر صحافي اظهر ملڪ جو وڏو ڀاءُ هو. خانداني ذريعن موجب صديق الفاروق جي جنازي نماز جي ادائيگي جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته صديق الفاروق 3 سال جيل به ڪاٽي جڏهن ته هن هڪ ڪتاب به لکي هئي.سينيٽر عرفان صديقي مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صديق الفاروق جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته صديق الفاروق ڏکين حالتن ۾ آمريت جو مثالي جرئت سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته صديق الفاروق قيد جون پريشانيون برداشت ڪيون پر نوازشريف جي خلاف سلطاني شاهد بنجڻ کان انڪار ڪيو. صديق الفاروق بنيادي طور تي قلمڪار مجاهد هو، سندس لاڏاڻي کان پوءِ صحافت ۽ سياست کي وڏو نقصان پهتو آهي. سينيٽر عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۽ مسلم ليگ(ن) لاءِ صديق الفاروق جون قربانيون ۽ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.