مشهور اداڪار نثار قادري لاڏاڻو ڪري ويو

تفصيل موجب اداڪار نثار قادري پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1966ع ۾ نشر ٿيندڙ ڊرامي ديوان سان ڪئي هن ٽي وي، فلم، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا نثار قادري پنهنجي ذات ۾ هڪ اداڪاري وارو ادارو هو نثار قادري کي 2016ع ۾ صدارتي تمغہ حسن کارکردگی پڻ ڏني وئي، سندس پونئيرن ۾ هڪ گهرواري ۽ ٽي ٻار آهن. سندس جنازي نماز سڀاڻي صبح جو راولپنڊي ۾ ادا ڪئي ويندي ياد رهي ته نثار قادري جي پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ لڳ ڀڳ هر ڊرامي کي سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ملي، جڏهن ته هڪ ڊرامي سيريل ”ايڪ حوقليت هڪ افسانا“ ۾ سندس اقتباس ”مچس هيگي آپ پاس؟ ٻيو ڪو به اداڪار ڪنهن هڪ لفظ لاءِ اهڙي عالمي شهرت حاصل نه ڪري سگهيو آهي نثار قادري جي ٻين ڊرامن ۾ آڪاش، آتش، پوري چنڊ رات، آڌي ڌوپ، پارکو، انگار وادي، نجات، بهادر علي، ڪارون ۽ سمنڊ شامل آهن.