صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي آزادي جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص پاڪستاني قوم جي دل ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن صدر آصف علي زرداري آزادي جي 78هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي عظيم قائد قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي سمورن ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿيا جن جي ڪاوشن ۽ قربانين انهي خواب کي حقيقت بنايو، هن سال اسان يوم آزادي وڏي جوش، جذبي، وڏي وقار ۽ تازي اميد سان ملهائي رهيا آهيون صدر چيو ته تازو ئي اسان جي قوم ٻاهرين جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي طاقت، عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص ۾ اسان جي فتح اسان جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي غير متزلزل قومي عزم، بي مثال پيشوارانه مهارت ۽ پوري قوم جي اتحاد جو ثبوت آهي. هن چيو ته ڀارت جي بلاجواز جارحيت جي جواب ۾ اسان صبر، حڪمت ۽ ڀرپور طاقت سان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪيو، دنيا ڏٺو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، پر پنهنجي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. آصف زرداري چيو ته اها فتح اسان جي عوام لاءِ نئين اعتماد جو ذريعو بڻجي آهي. انهي قوم جا حوصلا بلند ڪيا، ادارن تي ڀروسو وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان جي عالمي مقام کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف يوم آزادي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مان اڄوڪي ڏينهن رب پاڪ جي آڏو شڪر جو سجدو ادا ڪندي پاڪستان جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال سميت تحريڪ آزادي جي بلند همت، وڏي سوچ رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به سلام پيش ڪريان ٿو جن پکڙيل قوم کي هڪ فڪر، هڪ مشن ۽ هڪ نصب العين تي نه صرف گڏ ڪيو پر پنهنجي ولوله انگيز سياسي جدوجهد جي ذريعي تاريخ جو رخ موڙي هڪ ڌار نظرياتي رياست جي قيام جي ناممڪن سمجهيل خواب کي تعبير ڪري ڏيکاريو وزيراعظم چيو ته گذريل 78 سال آزمائش واري سفر، الله تي پڪو يقين ۽ سنهري مستقبل جي اميد جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اسان کي بطور قوم ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذرڻو پيو پر هاڻ انهي سڀني جي باوجود پاڪستان هر شعبي ۾ ڪاميابين جا ڪيترائي سنگ ميل پار ڪيا آهن، معيشت کان راندين جي ميدانن ۽ دفاع کان آءِ ٽي تائين هر شعبي ۾ پاڪستانين پنهنجي بي مثال عزم، همت ۽ علم وهنر جا باب رقم ڪيا آهن هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي مڙهيل جنگ 6 کان 10 مئي 2025 جي دوران معرڪه حق ۾ پاڪستان جي عظيم فتح 79هين يوم آزادي جي نه صرف اهميت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستانين جي دل ۾ هڪ نئين امنگ ۽ جذبنو به بيدار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان جشن آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن.