ملڪ جي مختلف شهرن مان 8 محرم الحرام جا جلوس اڄ برآمد ٿيندا، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

 حضرت امام حسين عه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ملڪ جي مختلف شهرن مان 8 محرم الحرام جا جلوس اڄ برآمد ٿيندا. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئٽه، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ 8 محرم الحرام جي جلوسن جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جي جلوس جي گذرگاهن طرف ايندڙ گهٽين ۽ رستن کي سيل ڪيو ويو آهي. ايم اي جناح روڊ، ڪوريڊور 3، صدر جي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر رکي رستا بند ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ اڄ کان 10 محرم الحرام تائين اورنج لائن ۽ گرين لائن بس سروس معطل رهندي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس به بند ڪئي وئي آهي.