ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي: گيسٽرو جي بيماري تيزي سان وڌڻ لڳي

 ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرم ۽ وچولي موسم جي ڪري گيسٽرو جي بيماري ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سخت گرم ۽ وچولي موسم جي ڪري گيسٽرو جي ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ٻارن ۾ پيٽ جو سور، بخار ۽ ڊائريا جون  شڪايتون وڌڻ لڳيون آهن، اسپتالن ۾ روزاني جي بنياد تي تمام گهڻا ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽرن موجب گيسٽرو معدي ۽ آنڊن جي سوڄ جو مرض آهي جنهن جي نشاني ۾ مٿي جو سور، بخار، ييٽ ۾ سور ۽ الٽي شامل آهي. ڊاڪٽرن احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ کاڌي پيتي ۾ احتياط جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽرن شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته پاڻي اوٻاري استعمال ڪيو وڃي، ان کان علاوه ٻاهر ريڙهن تي کليل شين جي کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪيو وڃي.