ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي. استور ۾ گرمي پد ڪاٽو 13، قلات ۾ ڪاٽو 5، ڪوئٽه ۾ ڪاٽو 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. انهي کان علاوه ملتان ۾ 6، اسلام آباد 7، لاهور 8 جڏهن ته ڪراچي ۾ 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سڀني کان گهٽ گرمي پد قلات ۾ ڪاٽو 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف مالم جبه ۾ 22 جڏهن ته ميرکهاني ۾ 16 ملي ميٽر برسات پئي. جابلو علائقن ۾ اڄ به موسم وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.