ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار، جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، جنهن سبب موسم ٿڌو ۽ خشڪ آهي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب گذريل رات ڪراچي ۾ گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب هنزه ۾ پارو ڪاٽو 18، استور ۾ ڪاٽو 17 ڊگري تائين ڪري پيو جڏهن ته اسڪردو ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 ڊگري ۽ ڪوئٽه ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سخت ٿڌ جي شدت جو سلسلو جاري آهي. اسلام آباد  ۽ راولپنڊي ۾ گرمي پد 4، لاهور ۽ پشاور ۾ 7 رڪارڊ ڪيو ويو.