ملڪ جي وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل پاور هائوس ۽ واپڊا ڪالوني ۾ ٿيندڙ مبينا ڪرپشن خلاف خبرون ھلائڻ تي انتظاميا سدائين صحافين تي ڏمريل رھي ٿي

صحافين سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۽ شهرين پاران ٽائون ڪاميٽي گڊو جي چيئرمين حاجي يحيا خان پٺاڻ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر مير منظور خان کوسو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه ڪشمور جي صدر حضرت ﷲ مزاري، جنرل سيڪريٽري ھدايت ﷲ جکراڻي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقه ڪشمور جي صدر رفيق چنو، ڪامريڊ احمد نواز گولاٽو واپڊا ھائڊرو ليبر يونين گڊو جي چيئرمين اي ڊي مستوئي، عبدالغفور باجڪاڻي، سليم ڀٽو، پاڪستان سني تحريڪ جي سردار اوَل جان مزاري، شھري ايڪشن ڪاميٽي ڪشمور جي چيئرمين حاڪم ڀٽي، راڻا غفار، سٽيزن ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي ڪشمور جي چيئرمين مجتبا لانگاھ، پريس ڪلب گڊو جي صدر شفقت ڀيو ، چيئرمين بالاچ دشتي، محمد علي ڪلوڙ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور جي صدر غلام فريد ڄامڙو، احمد سيال، شريف ڄامڙو، پريس ڪلب بخشاپور مان شنڪر لال، سھيل جان ڊومڪي، بيشم لال،ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين چنو نديم ملڪ، نيشنل پريس ڪلب ڪشمور جي صدر ﷲ بچايو شيخ، روشن نصيراڻي ، خان محمد شر، ڀٽائي ميڊيا سينٽر جي اڳواڻ بخت چاچڙ، منير احمد شر، عبدالجبار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گڊو کان واپڊا ڪالوني جي مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي دوران صحافين کي خاموش ڪرڻ لاءِ حراسان ڪرڻ بند ڪيو، ڪرپشن ڪري ملڪ جي وڏي بجلي گهر کي بند ڪرڻ بند ڪيو، گڊو ٿرمل پاور هائوس جو ڪرپٽ چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر ھٽايو پاور هائوس بچايو جا زوردار نعرا لڳايا ويا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گڊو ٿرمل پاور هائوس ملڪ جو وڏو اثاثو آهي، ڪرپشن ڪري ملڪ جي وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل پاور هائوس کي بند ڪرڻ جو ارادو رکندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ھنن وڌيڪ چيو ته انڌير نگري جي انتھا آهي ته مبينا ڪرپشن ڪري گڊو ٿرمل پاور هائوس کي کوکلو ڪرڻ بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جنيد احمد بيگ ، سيڪيورٽي آفيسر رٽائرڊ ميجر مدثر عالم بيگ ۽ سول آفيسر شير شاه پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري واپڊا ڪالوني جا 400 کان وڌيڪ سرڪاري ڪواٽر، سوين چائنہ بلاڪ جا ڪمرا ۽ درجنين دڪان مٺ ڀڳڙن جي اگھ تي غير قانوني وڪرو ڪري ڇڏيا ھنن وڌيڪ چيو ته وقت جا حڪمران ۽ واپڊا جا ڪرپٽ ڪامورا مھا ڪرپشن تي خاموش بڻيا ويٺا آهن گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چور انتظامیہ خلاف ڪارروائي ٿيڻ بدران واپڊا ٿرمل پاور هائوس ۽ واپڊا ڪالوني اندر ٿيل مھا ڪرپشن خلاف لکڻ تي صحافين خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل پاور جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جنيد احمد بيگ ميجر مدثر عالم بيگ، سول آفيسر شير شاه صحافين مٿان ڪوڙي پٽيشن داخل ڪرائي پنهنجي ڪرپشن کي ھرگز لڪائي نٿا سگهن، جڏھن ته ان کان اڳ گڊو جي مقامي صحافين فرحان قريشي ، ارشد ڪلوڙ، سيد وسيم شاھ ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل پاور هائوس ۽ واپڊا ڪالوني گڊو ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جون خبرون ھلائڻ بعد واپڊا اختيارين ھڪ انڪوائري ٽيم جوڙي معاملي جي جاچ ڪرائي آھي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته انڪوائري ٽيم گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جنيد احمد بيگ ، سيڪيورٽي آفيسر ميجر مدثر عالم بيگ، سول آفيسر شير شاھ کي ڪرپٽ قرار ڏيئي رپورٽ واپڊا اختيارين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته خبرون ھلڻ بعد واپڊا اختيارين پاران جوڙيل انڪوائري ٽيم بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جو چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر جنيد احمد بيگ ، ميجر مدثر عالم بيگ ۽ سول آفيسر شير شاھ سدائين اسان صحافين تي ڏمريل ھجن ٿا شروع شروع ۾ خاموش رهڻ لاءِ اسان کي لالچ ڏني وئي انڪار ڪرڻ تي اسان کي مبينا ڌمڪيون ڏنيون ويون ان باوجود به اسين حق سچ لکندا رھياسين جنهن بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جي انتظاميا حراسان ڪرڻ لاءِ پھرين ليگل نوٽيس بعد ۾ اسان مٿان اسلام آباد ۾ ڪوڙي پٽيشن داخل ڪرائي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان قلم جو ڪنڌ ڪنهن به قيمت تي جھڪڻ نه ڏينداسين ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ ڪرپٽ مافيا کي منھن ٽوڙ جواب ڏينداسين جڏهن ته معقف معلوم ڪرڻ لاءِ گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جنيد احمد بيگ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن ڪال اٽينڊ نه ڪئي .