ملڪ ۾ مسلسل واڌ بعد سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 1900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 48 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ 1630 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن کانپوءِ سون 2 لک 13 هزار 48 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالرز گهٽجڻ بعد 2398 ڊالرز ٿي وئي آهي.