ملڪ ۾ گرمي جي شدت برقرار: موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي. موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي، پر ان باوجود ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب گرمي جي شدت گهٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته صوبي جي ميداني علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي اڄ صبح پشاور ۾ گرمي پد 31 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊيرا اسماعيل خان، باجوڙ، دورش، چترال ۽ پتن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي چارسده، مردان، نوشهره، صوابي، لنڊي ڪوتل، خيبر، مالاڪنڊ ۽ پشاور ۾ برسات جڏهن ته مٿانهين ضلعن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ٻئي طرف گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. موسميات کاتي اڄ رات کان وفاقي راڄڌاني ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ وچولو آهي پر اڄ شام يا رات جو مري، گليات، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، تله گينگ، جهلم ۽ منڊي بهاءُالدين ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، لاهور، شيخوپوره سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ به برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ به گرمي پنهنجي عروج تي آهي جڏهن ته ڏاکڻي ضلعن ۾  تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي زوب، بارکهان، موسيٰ خيل، لورالائي، شيراني، ڪوهلو، جهل مگسي، خضدار ۽ لسبيله ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.