اسپيشل جج بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ٽرانزڪشن ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ڪراچي ۾ اسپيشل بينڪنگ عدالت جي آڏو مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ٽرانزڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اومني گروپ جو انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش نه ٿي، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فريال ٽالپر جي طبيعت خراب آهي کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.