ايف اءِ اي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ اسپيشل سينٽرل عدالت اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي جي ٻيهر گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت جي جج تنوير احمد شيخ گذريل ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري مونس الاهي ۽ شريڪ جوابدار محمد جبران کي پرڏيهه مان گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر قدم کنيا وڃن ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتاري وارن قدمن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه عمري تي هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، پرويز الاهي بريت جي درخواست داخل ڪئي، پرويز الاهي جي بريت واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان دليل طلب ڪيا ويا آهن. اسپيشل سينٽرل عدالت لکت واري حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جنوري تي ڪندي.