مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ 1 روپيه 90 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. اضافو گذريل مالي سال جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي تحت گهريو ويو آهي، نيپرا ان حوالي سان ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. حتمي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. درخواست منظوري جي صورت ۾ صارفين کي سيپٽمبر کان نومبر تائين هر مهيني هڪ روپيو 90 پئسا في يونٽ اضافي ادا ڪرڻا پوندا، اهڙو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ سميت پوري ملڪ جي بجلي صارفين تي لاڳو ٿيندو.