مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جو لياقت باغ ۾ ڌرڻو جاري

مهانگائي ۽ بجلي جي بلن  ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو ٻئين ڏينهن به جاري آهي، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جاري جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود آهي. ڌرڻي جي انتظاميه طرفان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ ناشتي جو خاص انتظام ڪيو ويو آهي، مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ جي خلاف جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڏينهن جو ڌرڻي واري هنڌ تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو جنهن ۾ اڳيان جو لائحه عمل ٻڌائيندو. جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب مريز حسن کان ڪميٽي چوڪ تائين مري روڊ مڪمل طور تي بند آهي. ميٽرو بس سروس اڄ ٻئي ڏينهن به بند آهي جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ميٽرو بس انتظاميه گذريل ڏينهن صدر کان فيض آباد تائين سروس معطل ڪئي هئي. ميٽرو بس سروس معطل ٿيڻ سبب راولپنڊي کان اسلام آباد ويندڙ مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.