مودي حڪومت کي هڪ ٻيو جهٽڪو: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ کي خط لکي ڇڏيو

گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن طرفان ڀارت جي موقف کي مڪمل طور تي نه مڃڻ تي عالمي سطح تي خالصتان تحريڪ کي چيڀاٽڻ جون سموريون ڀارتي ڪوششون ناڪام ٿي ويون ڀارت جي ناڪام سفارتڪاري جو وڏو ثبوت آمريڪي صدر ٽرمپ جو گرو پتونت سنگهه کي خط لکيو آهي ۽ اهو خط ڀارت جي سفارتي حڪمت عملي جي ناڪامي ۽ خالصتان تحريڪ جي عالمي پذيرائي جو ثبوت بڻجي چڪو آهي هينئر تائين 27 ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي دعويٰ صدر ٽرمپ پهريان ئي ڪري چڪو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ خالصتان جي حامي تنظيم سک فار جسٽس جي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پنون کي خط لکي ڇڏيو جنهن عالمي سطح تي نئين بحث ڇيڙي ڇڏي آهي گرو پتونت سنگهه پنن کي ڀارتي حڪومت 2020ع ۾ دهشتگرد قرار ڏئي چڪي آهي پر آمريڪي صدر طرفان مليل خط کي خالصتان تحريڪ جي لاءِ خاص اهمت اختيار ڪري ويو. خط ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ واضح ڪيو ته مان پنهنجي شهرين، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي اقتدار کي سڀني کان پهريان رکندو آهيان. جڏهن آمريڪا محفوظ هوندو تڏهن ئي دنيا به محفوظ هوندي. مان پنهنجي شهرين جي حقن ۽ سلامتي جي لاءِ وڙهڻ ڪڏهن به نه ڇڏيندس صدر ٽرمپ جو خط اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن 17 آگسٽ تي واشنگٽن ۾ خالصتان تحريڪ جو ريفرنڊم ٿيڻو آهي ۽ ريفرنڊم کان ڪجهه هفتا اڳ صدر جو اهو خط نه صرف سياسي پر سفارتي حلقن ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. صدر ٽرمپ جي خط ۾ واپار، ٽيرف، دفاعي خرچن ۽ آمريڪي اقدار تي ٻڌل پاليسين تي زور ڏنو ويو آهي. هن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بطور صدر مان اهڙن اقدار جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيان جيڪي اسان کي آمريڪي بنائيندا آهن. خط جي اکرن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي، فوجي تياري ۽ عالمي امداد بابت فيصلا به شامل آهن.