مورو: جي ڊي اي جي اعلانيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ حر مجاهدن سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ پهچڻ شروع ٿي ويو

جي ڊي اي جي اعلانيل جلسي ۾ شرڪت لاء حر مجاهدن سميت ڪارڪن جو وڏو انگ گاڏين ذريعي جلسي ۾ شرڪت لاءِ پھچڻ شروع ٿي ويو آهي. جڏھن ته عورتون پنهنجن معصوم ٻارڙن کي ھنج ۾ کڻي پيرين پنڌ جلسي واري جاء تي پھچڻ شروع ٿي ويون. جلسي ۾ مختلف علائقن کان ماڻھو وڏي انگ ۾ پھچڻ شروع ٿي ويا آھن جڏھن ته سيڪيورٽي جي ادارن طرفان جلسي جي اسٽيج واري جاء کي ڪليئر قرار ڏيڻ بعد عام ماڻھو کي اسٽيج واري جاءِ تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، عورتن لاء پڻ خاص انتظامات ڪيا ويا آھن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران اڄ مورو ڀرسان سيدوجا نيشنل هاءِ وي تي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. چونڊ ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي جو اعلانيل جلسو اڄ شروع ٿيندو حر مجاھدن سميت ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو رات کان جاري آهي، حرياڻيون پڻ وڏي انگ ۾ پھچي رھيون آھن. مرڪزي اڳواڻن جي خطاب لاءِ وڏو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي جلسي ۾ سيڪيورٽي جا فرائض سنڀالڻ لاءِ 800 پوليس اهلڪار ۽ 2000 کان وڌيڪ حر مجاھد فورس، جي يو آئي جي فورس سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا جڏھن تہ جلسي ۾ پير پاڳارا سائين صبغت الله شاهه راشدي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جي آمد جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. . ان کان علاوه پير سائين صدرالدين شاهه، غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاھ، نند ڪمار گوکلاڻي، لياقت جتوئي، اياز لطيف پليجو، پي ٽي آئي جو حليم عادل شيخ، راشد محمود سومرو، سائره بانو، صفدر عباسي، سردار رحيم ۽ ٻيا خطاب ڪندا مورو پوليس طرفان قومي شاهراھ تان گذرندڙ مسافر گاڏين کي روڪيو پيو وڃي پوليس طرفان ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاء قومي شاهراھ تان گذرندڙ گاڏين کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جو چيو پيو وڃي جڏھن ته جي ڊي جي جلسي ۾ موجود اڳواڻن جو چوڻ آھي ته ھي ملڪ اسان جو آھي اسان پرامن جمهوري ماڻھو آھيون گاڏين کي باحفاظت رستو ڏئي رھيا آھيون.