موسميات کاتي اڄ ٻيهر ڪراچي ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي اڄ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ان کان علاوه موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ وڌيڪ تيز برسات پوندي. سومر کان عرب سمنڊ ۽ خليج بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ ۾ داخل ٿي برسات وسائينديون اڄ کان 27 جولاءِ جي دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات پوندي اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سومر کان خميس تائين برسات پوندي جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ اڱاري ۽ اربع تي برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم ترجمان موجب پنجاب ۾ سانوڻي برسات جو چوٿون اسپيل 22 جولاءِ کان شروع ٿيندو. 22 کان 25 جولاءِ تائين پنجاب ۾ سانوڻي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. 23 کان 24 جولاءِ جي دوران ڏکڻ پنجاب ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگودها، ملتان، ڊي جي خان، بهاوالپور، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ گجرات ۾ برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب موسمي صورتحال جي باري ۾ لاڳاپيل انتظاميه کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۽ تربت ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. دالبدين، نوڪنڊي، لاڙڪاڻو ۽ موهن جو دڙو ۾ 44، سکر ۾ 42، مظفر آباد ۾ 41، اسلام آباد، پشاور، ملتان، ڊيره اسماعيل خان ۽ ٺٽه ۾ 40، ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ 39 جڏهن ته ڪوئٽه ۽ گلگت ۾ 36 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.