موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات جي وقت وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي. رات جي وقت اتر، اوڀر پنجاب ۾ وچولو ٿڌو جڏهن ته ڏاکڻي پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. شام يا رات جي وقت ۾ ڏکڻ، اوڀر پنجاب ۽ اوڀر سنڌ ۾ ڪههه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته رات ۾ موسم جهڙالو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات جي وقت وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. لسبيله، خضدار ۽ قلات ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رات جي وقت ۾ سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، منگلا، جهلم، لاهور، شيخو پوره، قصور، اوڪاڙه ساهيوال ۾ وچولو جڏهن ته فيصل آباد، بهاوالپور، بهاوالنگر، رحيم يار خان، ملتان، ڊيره غازي خان ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. رات جي وقت رحيم يار خان، خانپور، بهاوالنگر، بهاوالپور، خانيوال ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شام يا رات جي وقت ۾ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ رات جو جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ برسات وسائيندڙ سسٽم 14 جنوري تي داخل ٿيندو. موسميات کاتي موجب نئين سسٽم اچڻ سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويندو.