موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به گرمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ برسات جو امڪان

 موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته اڄ به ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن دالبدين ۽ جيواني ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ بهاوالپور ۾ 39.، لاهور ۾ 36، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 37، ڪوئٽه ۾ 35، مظفر آباد ۾ 31 ۽ گلگت ۾ وڌ کان وڌ 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب اڄ شام يا رات جو پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ تيز طوفاني هوائن سان برسات جو به امڪان آهي. جمعي تي ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن کان علاوه پنجاب جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پئي جنهن سبب گرمي جو زور ڪنهن حد تائين ٽٽي ويو. ياد رهي ته چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز اڄ يا سڀاڻي ڪراچي شهر جي مختلف هنڌن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. سردار سرفراز هلندڙ سال ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.