موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي مٿانهين خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته موسم جو تجزيو ڪندڙ جواد ميمڻ چيو آهي ته في الحال سنڌ صوبي ۾ برسات جو ڪوبه امڪان نه آهي. هوا جي رخ ۽ رفتار ۾ تبديلي سبب پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتتائي جو امڪان آهي جواد ميمڻ موجب ڪمزور مغربي هوائن جو سلسلو اڄ ملڪ جي اترين علائقن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. سسٽم جي اثر هيٺ ملڪ جي اترين 50 کان 60 سيڪڙو علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته موسميات کاتي چترال، دير، سوات، ڪوهاٽ ۽ مالاڪنڊ ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان ۾ موسم جهڙالو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهندي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم جي ترجمان چيو آهي ته اڄ کان 28 جنوري تائين پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي ڊي جي خان بهاولپور، ملتان، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته پنجاب جا ميدائي علائقا جنوري جي آخري هفتي ۾ به ڪوهيڙي هيٺ رهندا.