موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي گرم ۽ گهميل موسم جي گهيري ۾ آهي جڏهن ته شهر ۾ ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي جڏهنته شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ گهم جو تناسب 79 سيڪرو آهي جڏهن ته سامونڊي هوائون بند آهن، اتر اولهه کان هلي رفتار ۾ هوائون گُهلي رهيون آهن. موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي، ٺٽي، سجاول، سانگهڙ، بدين، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، مٺي ۽ ميرپور خاص جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. ٻئي پاسي موسمياتي تجزيي نگار جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ تي موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ سبب ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون معطل آهن، شهر ۾ اتر اوڀر کان گرم ۽ گهميل هوائون گُهلي رهيون آهن. تجزيي نگار موجب، هوا ۾ گهم جو تناسب وڌيڪ هئڻ سبب گرمي جي شدت 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪجهه سامونڊي علائقن ۾ گرمي جي شدت 50 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي وڃي.