موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي موسميات کاتي موجب سڄي سنڌ ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته صبح جي وقت ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جو به امڪان آهي ڪراچي بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اتر ۽ اوڀر کان هلندڙ هوائن سبب ٿڌي موسم جي شدت وڌي چڪي آهي جنهن کان پوءِ صبح جي وقت شهر جو گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو آهي جڏهن ته 8 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. شهر ۾ موسم جهڙالو هجڻ سبب ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب ايندڙ ڏينهن دوران ٿڌ ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي جڏهن ته برسات جو مغربي سسٽم بلوچستان ۾ 4 جنوري تي داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو 5 جنوري تائين بلوچستان جي ڪجهه حصن کي متاثر ڪري سگهي ٿو موجوده موسمي نظام جي اثر هيٺ چاغي، ڪوئٽه، چمن، زيارت، قلعه عبدالله ۾ هلڪي ۽ وچولي برسات، کنوڻ سان گڏ جابلو علائقن تي برفباري جو امڪان آهي. ان کان علاوه سيف الله، لورالائي، پشين، مستونگ، زوب، زوب، قلات، موسيٰ خيل، خاران، برنائي، سبي، نوشڪي، خضدار ۽ مڪران جي سامونڊي علائقي ۾ 4 ۽ 5 جنوري تي برسات جو امڪان آهي.