معيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پيڪا ڪاري قانون جي خلاف صحافين جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان صحافين جي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته سياستدانن کي ملڪ جي نظام مان بي دخل ڪيو پيو وڃي. پارليامينٽ جي ڪردار کي به ختم ڪيو پيو وڃي. جمهوريت پنهنجو ڪيس هاري رهي آهي، سياسي پارٽين کي غير موثر ڪيو ويندو ته پوءِ معاملا ڪيستائين ويندا. هن چيو ته حڪومت کي اڪثريت وارن فيصلن جو احترام نه آهي، سياسي راند کيڏي وئي، اپوزيشن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلوچستان جي صورتحال جي باري ۾ اسان کي ڪڏهن سوچڻو آهي. فضل الرحمان چيو ته عوام جي حمايت کان محروم حڪومتن تي قوم جو ڀروسو نه هوندو آهي. ڪوڙي حڪومت جا نمائندا عوام جي سامهون نٿا وڃي سگهن، پيڪا قانون جي خلاف صحافين جي حمايت جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام کي قطار ۾ بيهي ڏيکارڻ جي لاءِ ووٽ ڏيڻو هوندو آهي جنهن کي باڪس کولڻو هوندو آهي ان جي مرضي آهي ته ڇا ڪڍڻو آهي، اسان طاقت اڳيان غلام نٿا ٿي سگهون.