موڊيز پاڪستان ۾ مهانگائي سبب سماجي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

عالمي ريٽنگ اينجسي موڊيز چيو آهي ته نئين عالي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام ذريعي پاڪستان لاءِ فنڊنگ جي امڪانن ۾ بهتري ايندي. موڊيز پاڪستاني معيشت بابت پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نئون آءِ ايم ايف پروگرام فنانسنگ جا معتبر ذريعا فراهم ڪندو ۽ ان سان پاڪستان لاءِ فنڊنگ جي امڪانن ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته ان ۾ ٻين ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ به شامل آهي موڊيز جي رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ مهانگائي سبب سماجي دٻاءُ وڌڻ جو خدشو آهي، وڌيڪ ٽئڪسز ۽ توانائي جي اگهن ۾ مستقبل جي ايڊجسٽمينٽ سڌارن تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي جڏهن ته مشڪل سڌارن کي مسلسل لاڳو ڪرڻ جو مضبوط انتخابي مينڊيٽ نه هئڻ خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي بيروني فنانسنگ جون ضرورتون اٽڪل 21 ارب ڊالر آهن، مالي سال 2026-27 لاءِ اٽڪل 23 ارب ڊالر جي مالي ضرورتون درپيش آهن جڏهن ته پاڪستان وٽ موجودا 9 ڏهائي 4 ارب ڊالر جا مٽا سٽا وارا ذخيرا ان جي گهرجن کان گهڻو گهٽ آهن.