ميان صاحب شهر ۾ گئس جي بندش خلاف شهرين جو ٽين ڏينهن به احتجاج جاري

ميان صاحب : ميان صاحب شهر ۾ گئس جي بندش خلاف شهرين جو ٽين ڏينهن به احتجاج جاري، شهرين جامع مسجد کان مين بازار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، شهرين ريلي ۾ 6 سالن کان بند پيل گئس جي بحالي لاءِ نعراه هنيا، نه ٿي،ان موقعي تي شهرين چيو ته سال اڳ وفاقي محتسب اعلي سکر کي شڪايتون ڪرڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو، شهري ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، هڪ طرف گئس صفا نه ٿي هلي ٻئي طرف گئس انتظاميه طرفان شهرين ڏانهن هر مهيني بل به ڳرا موڪليا وڃن ٿا، شهرين جو وفاقي محتسب اعلي سکر سميت گئس اختيارين کان گئس بحال ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب : ميان صاحب ۾ گذريل 6 سالن کان وٺي اڃا تائين سوئي سدرن گئس انتظاميه ٺل طرفان گئس بحال نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب شهري ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، گئس بحال نه ٿيڻ سبب شهري سراپاء احتجاج بڻيل آهن، شهرين عطاء محمد منگي، عبدالخالق دايو ،اسرار سولنگي ،مجيب الرحمان پنهيار ،محمد حفيظ ٽانوري، نظر محمد دايو، جاويد رائو سميت ڪيترن ئي گئس بندش خلاف ٽين ڏينهن به جامع مسجد کان مين بازار تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ان موقعي تي انهن چيو ته اسان سال اڳ وفاقي محتسب اعلي سکر کي لکت ۾ گئس جي بندش خلاف