مير نادر خان مگسي پي ايس 14 کٽي ورتي

اليڪشن 2024ع جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي پي ايس 14 شھدادڪوٽ سڀني پولنگ اسٽيشنز جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن موجب پيپلز پارٽي اميدوار مير نادر مگسي 38473 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار مير مظفر بروھي 20422 ووٽ حاصل کڻي سگهيو آهي.