ميهڙ ڀرسان سرڪاري زمين جي تڪرار تان ڀرٽ برادري جي ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو سيتا جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچي جي سرڪاري زمين جي مالڪي جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليوڻ لڳڻ سبب هڪ ڌر جون 20 ورهين جو قربان پٽ مير حسن ڀرٽ قتل ٿي ويو جڏهن ته 40 ورهين جو منٺار ڀرٽ زخمي ٿي پيو مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيتا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ياد رهي ته ڄاڻايل تڪرار 5 سالن کان هلندڙ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.