نئون ديرو: شهيد راڻي جي مزار تي سندس ننڍي نياڻي ايم اين اي آصفه ڀٽو ۽ صنم ڀٽو جي حاضري

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي سلسلي ۾ نئون ديرو هائوس ۾ ترسيل سندس ننڍي نياڻي ۽ پاڪستان جي خاتون اول ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماسي ۽ شهيد راڻي جي ڀيڻ صنم ڀٽو ڳڙهي خدابخش پهچي سندس مزار تي حاضري ڀري. خاتون اول ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو ۽ صنم ڀٽو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪري سڀني شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري. ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو شهيدن جي مزارن سامهون پاڪ ڪتاب جي تلاوت پڻ ڪئي. خاتون اول ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو جي مزار تي حاضري کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.