نئون چيف جسٽس ڪير ٿيندو؟ پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

تفصيل موجب نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ چيئرمين ڪميٽي جي مقرري ڪندي، ڪميٽي نئين چيف جسٽس لاءِ قانون واري وزارت ذريعي 3 سينيئر ترين ججن جو پينل طلب ڪندي.پارلياماني ڪميٽي ججن جي پينل مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي چونڊ ڪندي ۽ ٽن ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري ڪندي.چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڙيل خاص پارلياماني ڪميٽي ۾ وفاقي وزير خواجا آصف، اعظم نذير تارڙ، ن ليگ طرفان احسن اقبال ۽ پيپلز پارٽي طرفان شائستا پرويز ملڪ، راجا پرويز اشرف، سينيٽر علي ظفر، نويد قمر شامل آهن.ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم مان راڻا انصار، پي ٽي آءِ طرفان بيرسٽر گوهر، صاحبزاده حامد رضا، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به ڪميٽي ۾ شامل آهن.پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.