نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، نوٽيفڪيشن جاري

 26هين آئيني ترميم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ چيف جسٽس جي مقرري لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن کان پوءِ  پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.خصوصي پارلياماني ڪميٽي ۾ مسلم ليگ(ن) طرفان خواجه آصف، احسن اقبال، شائسته پرويز ملڪ ۽ اعظم نذير تارڙ شامل آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان راجا پرويز اشرف، نويد قمر ۽ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪميٽي جو حصو آهن.ايم ڪيو ايم طرفان رعنا انصار ۽ جي يو آءِ(ف) مان ڪامران مرتضيٰ ڪميٽي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان بيرسٽر گوهر علي خان، صاحبزاده حامد رضا ۽ سينيٽر علي ظفر خصوصي پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل آهن.چيف جسٽس جي مقرري لاءِ قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن دوران ڪميٽي نئين چيف جسٽس جي لاءِ هڪ جو نالو فائنل ڪري وزيراعظم ڏانهن اماڻيندي.چيف جسٽس کي اڄ رات 12 وڳي تائين 3 نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻڻا آهن ڇو ته 26هين آئيني ترميم جي تحت نئين چيف جسٽس جي مقرري موجوده چيف جسٽس جي ريٽائرمينٽ کان 3 ڏينهن ڪئي ويندي.