نالي واري سياستدان ۽ مفڪر جي ايم سيد جي سالگره تقريب جي مناسبت سان اسلام آباد ۾ واقع ڊبيٽنگ ڪلب”بليڪ هول”۾ تقريب ٿي گذري تقريب ۾ اديبن , دانشورن ۽ صحافين سائين جي ايم سيد جي زندگي، سياست ۽ جدوجهد تي روشني وڌي تقريب ۾ شريڪ نالي واري دانشور نظر محمود ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سيد سان ڪو سياسي اختلاف رکي ته ڀلي رکي پر هن جيڪي ڪتاب لکيا انهن جي تاريخي حيثيت آهي نوجوانن ۽ سياست جي شاگردن کي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي, نالي واري صحافي اعجاز مهر ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد هر دور ۾ پاڻ کي متحرڪ رکيو, ڪڏهن هن ادبي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي سرگرم رکيو ته ڪڏهن هو علمي خدمتن ۾ مشغول رهيو سائين جي ايم سيد پهريون بورڊنگ اسڪول پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو، پير وڏيرن کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي اختلافن سبب سائين جي ايم سيد مسلم ليگ کي الوداع ڪيو نالي واري اديبا گلشن لغاري چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ پرستي جو جيڪو ٻوٽو پوکيو اهو هڪ ڏينهن وڻ بڻجندو سندس فڪر کي ماڻهو هن صدي ۾ سمجهندا، قانوندان ۽ ليکڪ محمد قاسم ميرجت چيو ته جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن جي جتي سياسي آبياري ڪئي اتي هن سنڌي ٻولي کي لاجواب ڪتابن جو لاجواب خزانو پڻ ڏنو صحافي طارق سيال ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد اهنسا ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو تقريب ۾ سنڌين کان سواء ٻين قوميتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به شرڪت ڪئي ۽ پينلسٽس کان سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ زندگي بابت سوال پڻ پڇيا