ناپرڪوٽ پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ خانپور جي ڪچي مان 3 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آهي,

خبر موجب : ڪرمپور ڀرسان 4 ڏينهن اڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد بيگاري ڪئنال وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ يار محمد بجاراڻي واسي مشتاق بجاراڻي, نظير بجاراڻي ۽ نواب بجاراڻي کي ضلعي شڪارپور ناپرڪوٽ پوليس خانپور جي ڪچي مان ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آهي, مغوين جي گهر پهچڻ تي خوشي وارو ماحول آهي