نوازشريف ۽ مريم جو لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ جو دورو شيڊول، اهم ملاقاتن جو امڪان

    پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف 25 آڪٽوبر کان پرڏيهي ملڪ جي دوري تي لنڊن روانو ٿي ويندو.پارٽي ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جو صدر نوازشريف جمعي 25 آڪٽوبر تي لاهور کان 5 ملڪن جي دورن لاءِ روانو ٿيندو. نوازشريف دبئي، آمريڪا، لنڊن ۽ يورپ جو دورو ڪندو. نوازشريف 25 آڪٽوبر تي لاهور ۾ دبئي جي لاءِ روانو ٿيندو. نوازشريف دبئي ۾ هڪ ڏينهن ترسندو جتان کان هو لنڊن روانو ٿيندو. نوازشريف 29 آڪٽوبر تي لنڊن کان آمريڪا ويندو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف آمريڪا ۾ 4 ڏينهن قيام کان پوءِ واپس لنڊن پهچندو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز نومبر جي پهرين هفتي ۾ لنڊن ويندو. ڪجهه ڏينهن قيام کان پوءِ نوازشريف ۽ مريم نواز يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪندو. نوازشريف انهي دوران اهم ملاقاتون به ڪندو.پارٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته نوازشريف کي لنڊن  پنهنجي چيڪ اپ لاءِ وڃڻو هو پر آئيني ترميم سبب هن پنهنجو دورو 2 ڀيرا ملتوي ڪيو هو. نوازشريف هاڻ لنڊن ۾ پنهنجو چيڪ اپ به ڪرائيندو. لنڊن ۾  به نوازشريف جون ڪجهه اهم سياسي ملاقاتن جو امڪان آهي.