نوري آباد ٿاڻي جي حد ايم نائين موٽروي تي مزدا بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي مزدا ۾ سوار ٽي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا فوتين جا لاش ٽراما سينٽر نوري آباد منتقل ڪيا ويا ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ مزدا سيشا هوٽل لڳ بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار ٽي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا اطلاع تي پوليس ۽ ايدهي ايمبولينس پهچي لاش اسپتال پهچايا ٽرڪ ڊائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس طرفان ٽن ڄڻن جي تصديق ڪئي وئي,فوتين ۾ امير بخش چنو, امتياز علي نوحاڻي ۽ شبير احمد نوحاڻي شامل آھن.فوتين ۾ امتياز علي نوحاڻي ۽ شبير احمد نوحاڻي جو تعلق بلڙي شاهه ڪريم سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي ڪراچي جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئا. جن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو آهي.