پاڪستان جي اعليٰ سطح جي سفارتي وفد جي قيادت ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري خبردار ڪندي چيو آهي ته ڀارت ايندڙ نسلن کي پاڻي تي جنگ تي مجبور ڪري رهيو آهي، ايندڙ جنگ لڳي ته ٽرمپ کي روڪرائڻ جو وقت ئي نه ملندو. واشنگٽن ۾ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندي بلاول وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت ڳالهيون نه ڪندو ته مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ پاڪ ڀارت واپار سان سڀني کي ئي فائدو ٿيندو. ڀارت پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي پاڻي جي حق تي حملو ڪري رهيو آهي. پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو بلڪل ڪو به ڪردار ناهي. ڀارت چوندو هو ته والاريل ڪشمير اندروني معاملو آهي آمريڪي صدر چئي ڇڏيو آهي ته ڪشمير عالمي تڪرار آهي 5 ڏينهن جنگ جو نتيجو آهي جو هاڻي ڀارتي به چون ٿا ڪشمير ٻه طرفي تڪرار آهي، پاڪستان ڀارت کي غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي آڇ ڪئي پاڪستان امن لاءِ ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. ڀارت الزام لڳائي پاڪستان تي حملو ڪيو، گڏيل قومن سميت سمورن ملڪن کي ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد آمريڪي گهرو کاتي جي عملدارن سان پڻ اهم ملاقاتون ڪيون.