هٽڙي ڀرسان مبينه پوليس مقابلي دوران 3 ڦورو مارجي ويا

 هٽڙي ٿاڻي ڀرسان مبينه پوليس مقابلي دوران 3 ڦورو مارجي ويا آهن. پوليس موجب ڦورو ڦر ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي جنهن دوران پوليس مقابلو ٿي پيو جنهن دوران 3 ڦورو مارجي ويا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد موجب پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورن وٽان 15 لک کان وڌيڪ جي رقم هٿ ڪئي وئي آهي. مارجي ويل ڦورن مان ٻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن مان هڪ جي سڃاڻپ امتياز علي ڀنڊ ۽ ٻئي جي علي اڪبر جوڻيجو جي طور ڪئي وئي آهي، پوليس موجب مارجي ويل ٽئين ڦورو جي اڃان تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس مارجي ويل ڦورن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.