هٿيارن جي نمائش تي پابندي هجڻ باوجود ٺل جي صوبائي تڪ جي اميدوار جي ماڻهن جي هٿيار کڻي بازار ۾ گهمڻ لڳا

هٿيارن جي نمائش تي پابندي هجڻ باوجود ٺل جي صوبائي تڪ جي اميدوار جي ماڻهن جي هٿيار کڻي بازار ۾ ايندي وڊيو وائر ٿي آهي ٺل جي 2 PS جعميت علمائي اسلام (ف) جي نامزد اميدوار شفيق الرحمن کوسو جي پٽ جي گن مينن جي سرعام هٿيار کڻي ميونسپل ڪاميٽي کان بازار تائين ايندي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي ھوم ڊپارٽمنٽ سنڌ پاران 2024ع جي اليڪشن ۾ 144 تحت سنڌ ۾ 45 ڏينهن جي لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي آهي ۽ خلاف وري ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم نامو جاري ڪيو هو علائقي واسين موجب ته هوم ڊپارٽمنٽ پاران ڪيل هٿيارن جي پابندي واري اعلان تي عمل ٿي سگهندو يا اعلان صرف اعلان هي رهجي ويندا.