هڪ سال دوران وڌيڪ 1 ڪروڙ 30 لک پاڪستاني غربت جو شڪار ٿي ويا، ورلڊ بينڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ورلڊ بينڪ چيو آهي ته هڪ سال جي دوران وڌيڪ هڪ ڪروڙ 30 لک پاڪستاني غربت جو شڪار ٿي ويا آهن. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب هڪ سال دوران وڌيڪ هڪ ڪروڙ 30 لک پاڪستاني غربت جو شڪار ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب غربت جي شرح وبائي مرض، ٻوڏ ۽ ميڪرو اڪنامڪ بحرانن سبب پيدا ٿيل معاشي هلچل جي عڪاسي آهي. ڪورونا جي دوران 2019 ۾ پاڪستان ۾ غربت 21.9 سيڪڙو مان وڌي 24.6 سيڪڙو ٿي وئي هئي، ڪورونا کان پوءِ ٻن دوران غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 2022 ۾ اها شرح 17.1 سيڪڙو تي اچي وئي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب 2023 جي دوران ٻوڏ سبب انفرا اسٽرڪچر  تباهه ٿي ويو، جنهن سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي بحران سبب غربت جي شرح ۾ ٻيهر اضافو ٿي ويو. مزدورن جي گهٽ آمدني غربت ۾ واڌ جو بنيادي سبب رهي آهي، ماڻهو عام ڏينهن ۾ بهتر آمدني واري روزگار طرف منتقل ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب 2024 ۾ معيشت جي بحالي جو عمل شروع ٿيو آهي، جنهن سبب هن سال غربت جي شرح گهٽ ٿي 18.7 سيڪڙو تي اچي ويندي.