هڪ شخص قومي ڏينهن تي پي ٽي آءِ کي اوليت ڏئي ٿو، اهم ڏينهن تي احتجاج انهن جو معمول بڻجي ويو آهي: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 14 آگسٽ ۽ ٻئي قومي اهميت جي ڏينهن تي پي ٽي آءِ جو احتجاج معمول بڻجي ويو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته هڪ شخص قومي ڏينهن ۽ تهوارن تي پي ٽي آءِ کي اوليت ڏيندو آهي. 14 آگسٽ ۽ ٻئي قومي اهميت جي ڏينهن تي پي ٽي آءِ جو احتجاج جو سڏ معمول بڻجي ويو آهي دفاع واري وزير اسد قيصر کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ چوي ٿو ته هو خيرپختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ڪرڻ ڏيندو، پاڪ ڀارت جنگ ۾ عليمه خان حڪومت تي مودي سان ٻُٽ هجڻ جو الزام لڳائيندي رهي دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته هن سال 700 شهيد ملڪ تي قربان ٿيا، پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ نه ڪو تعزيتي بيان ڏنو نه ڪنهن جي گهر وڃي ڏک ونڊيو، هنن هميشه مخالفانه بيان ڏنا