وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. دوشنبي ايئرپورت تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، تاجڪ توانائي ۽ آبي وسيلن واري وزير دلير جمعه، تاجڪ نائب پرڏيهي وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري، سفارتي اهلڪارن وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف سان تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده ملاقات ڪئي ۽ ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار تي به ويو، وزيراعظم اسماعيل ساماني جي يادگار تي گل چاڙهيا ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صدي ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ تاجڪ قيادت ۽ اعليٰ اختيارين سان ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز تاجڪستان جي وزيراعظم سان گڏ قازقستان جو دورو به ڪندو. وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجا آصف، عطاءُالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهي ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارتي محل ۾ آمد ٿي جتي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز شريف جو پرجوش استقبال ڪيو. قصر ملت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان باقاعده هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر جي تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو تاجڪستان ڪابينه جي ميمبرن سان تعارف به ڪرايو ويو. شهباز شريف به تاجڪ صدر امام علي رحمان سان پاڪستاني وفد جو تعارف ڪرايو.