وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ايراني صدر جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ تهران ويندو

 وزيراعظم شهباز شريف هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي تهران روانو ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو گڏيل طور منظور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف سڀاڻي ايران روانو ٿيندو ۽ ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندو.