پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف کي چيمپين ٽرافي ٽورنامينٽ جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف سندس مٿان مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيمپين ٽرافي بابت پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي اصولي موقف جي تعريف ڪئي ۽ محسن نقوي تي مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته چيمپين ٽرافي بابت اوهان جو موقف هر پاڪستاني جي دل جي آواز آهي، آءِ سي سي ۾ اوهان پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪئي، پاڪستان جي عزت سڀني کان پهريان آهي ۽ انهي کان پوءِ ڪجهه ٻيو آهي. محسن نقوي چيو ته پي سي بي پاڪستان ۾ چيمپين ٽرافي ۽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي اسان پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ جي سوڀ چاهيون ٿا، جلد چيمپين ٽرافي بابت سٺي خبر سامهون ايندي.