وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ پهچي ويا رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سڀني کان پهريان سوات پهتو جتي وفاقي وزير امير مقام ٻنهي جو استقبال ڪيو. جڏهن ته وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، امير مقام ۽ احسن اقبال به وزيراعظم سان گڏ آهن وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن امداد ڏيڻ جو يقين ڏياريو جڏهن ته وزيراعظم فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي. انهي موقعي تي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج متاثرين جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پڌرائي موجب آرمي چيف عاصم منير به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مقرر پاڪ فوج، پوليس ۽ سول انتظاميه سان ملاقات ڪئي ۽ اهلڪارن جي خدمت جي تعريف ڪئي. آرمي چيف چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد اولين ترجيح آهي، ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. ريسڪيو ۽ رليف آپريشن کي انتهائي جذبي ۽ محنت سان جاري رکيو وڃي. متاثر خاندانن جون پريشانيون گهٽ ڪيون وڃن فيلڊ مارشل چيو ته فورسز ۽ سول ادارا پنهنجي اڻٿڪ خدمتون جاري رکندا. شهرين جي حياتين جو تحفظ ۽ انهن جي امداد اولين ترجيح آهي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب هينئر تائين 350 کان وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن جن مان 228 جو تعلق بونير سان آهي.