وزيراعظم قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

وزيراعظم شهباز شريف قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اهم اجلاس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي جي معاملن تي غور ۽ ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٻنپهرن جو هڪ وڳي ٿيندڙ انهي اهم اجلاس ۾ عسڪري قيادت به خصوصي طور تي شرڪت ڪندي. جڏهن ته اجلاس ۾  سمورا وڏا وزير، گورنرز، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو وزير به شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ دفاع وارو وزير، گهرو وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون اختياريون به موجود هونديون.