وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي، وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري کي افطار ڊنر تي گهرائي ورتو آهي. ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته پنجاب جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پيپلز پارٽي جو وفد به هوندو جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، نويد قمر ۽ راجا پرويز اشرف سميت سينئر اڳواڻ شامل آهن. پيپلز پارٽي پوري تياري سان وزيراعظم سان ملاقات ڪندي، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ به وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ ملاقات طئي ٿي هئي پر ڪجهه سببن جي آڌار تي اها ملاقات ملتوي ٿي وئي هئي. گذريل ملاقات ۾ حڪومت جا انتظامي معاملا بحث هيٺ آيا هئا جڏهن ته بلاول ڀٽو حڪومت سان معاهدن تي پارٽي خدشا وزيراعظم جي سامهون رکيا هئا.