جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان مارچ جي مطالبن تي عمل ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي منصوره ۾ بلوچستان کي حق ڏيو تحريڪ جي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي لياقت بلوچ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت مارچ جي سمورن مطالبن تي عمل ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. باقاعده ڪميٽي جي قيام لاءِ وزيراعظم سطح تي اڳڀرائي جاري آهي لياقت بلوچ چيو ته اهي ڳالهيون ڪنهن جي اشاري تي نه پر خاص عوامي مفاد ۾ ٿيل حڪومت ۽ اسان جو ڪوبه مطالبو رد نه ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت جي وزيرن سان لاهور م ڳالهيون ٿيون، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت طرفان باضابطه ڪميٽي به نوٽيفاءِ ڪيو ويو. ڳالهين واري عمل ۾ سول سوسائٽي، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ ٻين طبقن مثبت ڪردار ادا ڪيو. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي عوام جي توهين خلاف قدم کنيا وڃن ۽ بلوچستان ۾ ماهيگيري، واپار جهڙن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي مولانا هدايت الرحمان چيو ته اسان 25 جولاءِ تي ڪوئٽه کان اسلام آباد مارچ شروع ڪيو، پر اسان جو مقصد ڪنهن سان تڪرار نه هو، اسان پاڪستان جي آئين ۽ جمهوريت تي يقين رکندا آهيون، فساد نٿا پکيڙيون هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ چيڪ پوسٽن، بارڊر جي بندش، معدنيات ۾ مقامي شموليت ۽ پيئڻ جي پاڻي جهڙن بنيادي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون آهن. جيڪڏهن 6 مهينن ۾ حڪومت واعدن تي عمل نه ڪيو ته ٻيهر ڪوئٽه کان اسلام آباد مارچ ٿيندو. اڳواڻن واضح ڪيو ته بلوچ ۽ پنجابي عوام کي ويڙهائيندڙ هڪ ئي هٿ آهن ۽ پاڪستان جي بقا آئين، جمهوريت ۽ پرامن مزاحمت ۾ آهي نه وري طاقت ۽ جبر ۾.