وفاقي حڪومت کي اتحادين سان مشاورت ڪرڻ گهرجي: آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي اتحادين سان مشاورت ڪرڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته ملڪ آئين موجب هلي. احتساب عدالت ڪراچي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي آغا سراج دراني چيو ته جيڪو لاڳاپيل جج هو، اهو رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، اسان جي درخواست تي فيصلو نه ٿي سگهيو، جيڪي نوان جج ايندا اهي فيصلو ڪندا.   هن چيو ته 30 سالن کان ميڊيا ٽرائل هلي رهيو آهي، هر ڀيري ڪيس ۾ باعزت بري ٿيندا آهيون، اسان هميشه ڪيسن کي منهن ڏيندا آهيون، سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي مزاحمت ڪندي آهي، جنهن جي ڪري اسان خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن، پارٽي قيادت اهو سيکاريو آهي ته ڪيسز کي منهن ڏيو. آغا سراج دراني چيو ته وفاقي حڪومت کي اتحادين سان مشاورت ڪرڻ گهرجي، سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جي مخالفت ڪريون ٿا، سنڌ سان جيڪڏهن زيادتي ٿئي ته هڪ هڪ سنڌي ٻاهر ايندو، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ کي آئين موجب هلايو وڃي. ٻئي پاسي احتساب عدالت جي آڏو آغا سراج دراني ۽ ٻين جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. لاڳاپيل جج جي موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي وڊيو لنڪ تي عدالت ۾ ٿي وڊيو لنڪ تي جج ريمارڪس ڏنا ته عدالت سڳوري نئون جج مقرر ڪري يا ٻيهر ٻڌڻي جي هدايت ڏني وڃي. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته آغا سراج دراني ۽ ٻين احتساب عدالت جي اختيار خلاف درخواست داخل ڪري رکي آهي.