وفاقي حڪومت 26هين ترميم تي بهتري جي لاءِ اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته 26هين ترميم جنهن شڪل ٿي، ڇا گناهه ڪيو آهي؟ ايوان وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو آهي پر اوهان سمجهو ٿا ته انهي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اچو گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون. هن چيو ته سموري دنيا ۾ ججز جي مقرري اهڙي طرح ٿيندي آهي 10-10 سال فوجداري ڪيسز جا فيصلا نه پيا ٿي سگهن قانون واري وزير چيو ته 108 ترميم جو مسودو قانون، انصاف جي ڪميٽي ۾ پيل آهي. آئين انهي جو جائزو وٺندي، اوهان اتان کان شروع ڪريو، اسان اڳ به تيار هئاسين ۽ اڄ به تيار آهيون، مسودي کي ڦاڙڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، اچو ڳالهين جي لاءِ ويهو اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ اوهان چئي رهيا آهيو ته حڪومت صحيح ناهي، اپريل 2022 ۾ هڪ قرارداد آئي هئي، ڏيڍ منٽ ۾ اها قرارداد رد ڪئي وئي پوءِ اسيمبلي به ٽوڙي وئي، اوهان کي تحريڪ عدم اعتماد مان جان ڇڏائڻي هئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو نه چئو ته اوهان جو ڪتو ٽامي آهي ۽ اسان جو ڪتو ڪتو آهي، ڪنهن سياسي مصحلت جي تحت اسيمبليون ٽوڙيون ويون ۽ سياستدانن کي پهريون ڀيرو سزا ناهي ملي. اسان کي ڳالهين جي لاءِ ڪنهن بند ڪمري ۾ ويهڻو پوندو.